ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر منيزه خان ۽ صوبائي پروگرام مئنيجر ملڪا خان وفد سميت ملاقات ڪئي، جنهن دوران عورتن جي حقن، صنفي برابري ۽ سماجي ترقي بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عورت فائونڊيشن جي وفد، اسپيڪر کي اداري جي تاريخ، مقصدن ۽ عورتن جي ڀلائي، بااختياري ۽ …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر منيزه خان ۽ صوبائي پروگرام مئنيجر ملڪا خان جي وفد سميت ملاقات
ڪراچي- 10 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان عورت فائونڊيشن جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر منيزه خان ۽ صوبائي پروگرام مئنيجر ملڪا خان وفد سميت ملاقات ڪئي، جنهن دوران عورتن جي حقن، صنفي برابري ۽ سماجي ترقي بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران عورت فائونڊيشن جي وفد، اسپيڪر کي اداري جي تاريخ، مقصدن ۽ عورتن جي ڀلائي، بااختياري ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جاري پروگرامن ۽ خدمتن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. وفد ٻڌايو ته عورت فائونڊيشن 1986ع ۾ قائم ٿي ۽ گذريل چئن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ عورتن جي حقن، برابري ۽ سماجي انصاف لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه عورتن جي حقن جي واڌاري، صنفي برابري ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ عورت فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ترقي پسند ۽ عورت دوست قانون ساز اداري طور سڃاتي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ گذريل 18 سالن دوران سنڌ اسيمبلي عورتن جي تحفظ ۽ بااختياري لاءِ ڪيترائي تاريخي ۽ اهم قانون منظور ڪيا آهن، جن ۾ سنڌ ڊوميسٽڪ وائلينس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2013ع، پروٽيڪشن اگينسٽ هراسمنٽ ايٽ ورڪ پليس (ترميمي) ايڪٽ 2018ع ۽ سنڌ چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع سميت ٻيا اهم قانون شامل آهن. ملاقات جي پڄاڻي تي عورت فائونڊيشن جي وفد اسپيڪر کي ڪتاب ”مائلسٽون آف اسٽرگل اينڊ سڪسيس“ پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ چئن ڏهاڪن تي پکڙيل جدوجهد، اهم سرگرمين ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين جو تفصيلي حوالو شامل آهي. وفد عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي عزم، سهڪار ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيندي ان کي عورتن جي بهتري لاءِ اهم قرار ڏنو.












