حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي ايس پي هيڊڪوارٽر حيدرآباد زين رضا بلوچ پاڪ فوج ۽ سنڌ رينجرز جي اعليٰ آفيسرن سان گڏ محرم الحرام دوران سڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن دوران آفيسرن قدم گاهه مولا عليؑ، ڪربلا دادن شاهه ۽ اماميه ٽرسٽ لطيف آباد سميت اهم مذهبي ماڳن …
محرم الحرام جي حوالي سان حيدرآباد پوليس، پاڪ فوج ۽ سنڌ رينجرز جو گڏيل سڪيورٽي جائزو
حيدرآباد- 10 جون (اي پي پي) ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي ايس پي هيڊڪوارٽر حيدرآباد زين رضا بلوچ پاڪ فوج ۽ سنڌ رينجرز جي اعليٰ آفيسرن سان گڏ محرم الحرام دوران سڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. جنهن دوران آفيسرن قدم گاهه مولا عليؑ، ڪربلا دادن شاهه ۽ اماميه ٽرسٽ لطيف آباد سميت اهم مذهبي ماڳن جو معائنو ڪيو ۽ منتظمين سان ملاقات ڪري مجلسن ۽ جلوسن جي انتظامن ۽ سڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانپوءِ جلوسن جي روٽن، حساس ماڳن ۽ سڪيورٽي پوائنٽس جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي آفيس ۾ قائم مرڪزي ڪنٽرول روم جو به دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي محرم الحرام دوران عزادارن، زائرين، مجلسن ۽ جلوسن جي فول پروف سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. حيدرآباد پوليس پاڪ فوج، سنڌ رينجرز، ضلعي انتظاميا ۽ منتظمن جي سهڪار سان جامع سڪيورٽي پلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد پوليس جي قيادت ۾ لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطن ذريعي، مسلسل نگراني ۽ اثرائتن حفاظتي اڳڀرائي ذريعي امن امان جي قيام ۽ عزادارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن.












