اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) خيبرپختونواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ معدنيات، سياحت، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي سهڪار …
خيبرپختونخواهه جي گورنر سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) خيبرپختونواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ معدنيات، سياحت، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ معاشي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي قيمتي ۽ ناياب معدني وسلين سان مالامال آهي جن ۾ وسيع سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. ٻنهي اڳواڻن قبائلي ضلعن ۽ ڪي پي ڪي جي نوجوانن لاءِ تعليمي اسڪالرشپس جي فروغ تي به ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ صوبي ۾ پائيدار ترقي لاءِ نجي شعبي ۽ عالمي سيڙپڪاري جي ڪردار تي زور ڀريو ويو. ٻنهي اڳواڻن صوبي ۾ توانائي، سياحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي نون موقعن تي ڳالهيون ڪيون. آمريڪي ناظم الامور صوبي جي نوجوانن کي جديد تربيت جي فراهمي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گورنر، آمريڪي سيڙپڪارن کي ڪي پي ڪي جي معدنيات، سياحت، توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ راندين جي ميدان ۾ موجود ٽئلينٽ جي فروغ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي ناظم الامور گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پ پ پ جي ڪاميابي تي گورنر کي مبارڪ ڏني. ان حوالي سان گورنر چيو ته جي بي چونڊ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ ڪارڪنن جي اثرائتي چونڊ مهم سبب پ پ پ کي ڪاميابي ملي. گورنر طرفان آمريڪي ناظم الامور جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو.











