اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر آفس اسلام آباد پاران جاري بيان ۾ گورنر چيو ته ميران شاهه ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ ڀارت جي سرپرستي رکندڙ 27 دهشتگردن جو خاتمو وڏي …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر آفس اسلام آباد پاران جاري بيان ۾ گورنر چيو ته ميران شاهه ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ ڀارت جي سرپرستي رکندڙ 27 دهشتگردن جو خاتمو وڏي ڪاميابي آهي، اهي ڪامياب ڪارروائيون قومي سلامتي جي تحفظ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ تمام اهم آهن. هن چيو ته ڪارروائي ۾ ميران شاهه جي مشهور قبائلي اڳواڻ شهيد ملڪ سيف الله داوڙ جي قاتلن جو خاتمو دهشتگردي جي متاثر خاندانن جي زخمين تي مرهم رکڻ جي برابر آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي خاص ڪري ضِم ٿيل ضلعن جي عوام دهشتگردي خلاف بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، رياست دشمن عنصرن کي ٻيهر امن ۽ استحڪام خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. گورنر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوام دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين گڏ آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت جي ويزن ۽ قومي ايڪشن پلان تحت جاري عزم استحڪام مهم ذريعي دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪيو ويندو.











