جيڪب آباد - 07 جون (اي پي پي) ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي خاص هدايتن تي ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ جاويد احم سانگري جي سربراهي ۾ اي سيڪشن پوليس ڪنڌڪوٽ جي حدن ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڏوهاري گروپ جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار موٽرسائيڪل چوري، ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. ڪارروائي دوران انهن جي قبضي …
جيڪب آباد: ڪشمور پوليس جي وڏي ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار، 24 موٽر سائيڪلون هٿ

مزید خبریں
جيڪب آباد – 07 جون (اي پي پي) ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي خاص هدايتن تي ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ جاويد احم سانگري جي سربراهي ۾ اي سيڪشن پوليس ڪنڌڪوٽ جي حدن ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڏوهاري گروپ جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار موٽرسائيڪل چوري، ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. ڪارروائي دوران انهن جي قبضي مان چوري ٿيل 24 موٽر سائيڪلون ۽ روڪ رقم پڻ هٿ آئي آهي. جڏهن ته هٿ آيل سامان قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مالڪن جي حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي چيو ته ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پهرين ترجيح آهي.











