لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي تعمير تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد

لاڙڪاڻو 06 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ 600 بسترن واري اسپتال لاڙڪاڻو جي تعمير تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ڊائريڪٽر فنانس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل  لاڙڪاڻو ڪاظم حسين ڀٽو، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (سي ايم سي ايڇ)لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امجد علي بجاراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا قريشي، ڊپٽي جنرل مئنيجر ميسرز پيراگون عبدالستار، ريزيڊنٽ انجنيئر محمد علي ميمڻ …

لاڙڪاڻو 06 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ 600 بسترن واري اسپتال لاڙڪاڻو جي تعمير تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ڊائريڪٽر فنانس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل  لاڙڪاڻو ڪاظم حسين ڀٽو، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (سي ايم سي ايڇ)لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امجد علي بجاراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا قريشي، ڊپٽي جنرل مئنيجر ميسرز پيراگون عبدالستار، ريزيڊنٽ انجنيئر محمد علي ميمڻ ۽ هيلٿ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ڊپٽي جنرل مئنيجر ميسرز پيراگون عبدالستار ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي 600 بسترن واري اسپتال جي تعمير، نقشي ۽ اپڊيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پروجيڪٽ آرڪيٽيڪٽ باضابطه طور تي اسپتال جي مڪمل ڊيزائن ۽ ڊرائنگ ميسرز پيراگون کي فراهم ڪري ڇڏي آهي.ميسرز پيراگون هن وقت(ليڊ ورڪس انٽرنيشنل)جي آرڪيٽيڪچرل پلان جي بنياد تي تفصيلي انجنيئرنگ ڊرائنگ تيار ڪري رهيو آهي جيڪا پيراگون پاران 7 ڏينهن ۾ ڪنسلٽنٽ (EA) کي حتمي شڪل ۾ جمع ڪرائي ويندي. آرڪيٽيڪٽس ڊرائنگ هن وقت ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر جواد اشفاق جي نظرثاني هيٺ آهن.ڊپٽي جنرل مئنيجر 600 بسترن واري اسپتال لاڙڪاڻو سائيٽ ۽ اوٺا چوڪ لاڙڪاڻو تي بيچنگ پلانٽ لاءِ سيپڪو ڊيمانڊ ڊرافٽ جاري ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي ته جيئن ٻنهي سائيٽن تي بجلي ڪنيڪشن جي انسٽاليشن ۽ سائيٽ تي وڻ ڪٽڻ جو ڪم شروع ڪري سگهجي.هن موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊپٽي جنرل مئنيجر کي هدايت ڪئي ته منظوري لاءِ  پروجيڪٽ ايمپليمينشن يونٽ/ ٺيڪيدار پاران ڊويزنل فارسٽ آفيسر لاءِ درخواست فوري طور تي جمع ڪرائي وڃي. ان سان گڏ سائيٽ تي بجلي، گئس، ٽيليفون ۽ پاڻي جون لائينون منتقل ڪرڻ لاءِ سروي ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته تعمير جي ڪم جي شروعات کان اڳ سائيٽ تان سڀئي ناجائز اڏاوتن فوري طور تي ختم ڪرايا وڃن.