ڪراچي-05 جون( اي پي پي) ماحوليات جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاڪستان لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پهرين مرحلي ۾ اليڪٽرڪ (اي وي) بسون متعارف ڪرائي گرين ٽرانسپورٽ جي تصور کي عملي شڪل …
ماحوليات جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاڪستان لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪري رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-05 جون( اي پي پي) ماحوليات جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاڪستان لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پهرين مرحلي ۾ اليڪٽرڪ (اي وي) بسون متعارف ڪرائي گرين ٽرانسپورٽ جي تصور کي عملي شڪل ڏني جڏهن ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ماحول دوست اي وي بسون ۽ اي وي اسڪوٽيون متعارف ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.هن وڌيڪ چيو ته اي وي بسون عوام کي جديد ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ فضائي گدلاڻ ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ وڌيڪ سوين اليڪٽرڪ بسن کي عوامي ٽرانسپورٽ نظام جو حصو بڻائڻ جو منصوبو پڻ منظور ڪيو ويو آهي.سينيئر وزير چيو ته سنڌ حڪومت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ گڏوگڏ هلي سگهن ٿا. هن عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صاف، محفوظ ۽ پائيدار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب گرين ۽ پائيدار ترقي جي سفر کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي ۽ ماحول دوست منصوبن جي واڌاري لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.











