ڪراچي-05 جون( اي پي پي) صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جنهن جي تحفظ لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار مڪاني ادارن جي صوبائي وزير ناصر حسين شاه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.صوبائي وزير ناصر حسين وڌيڪ چيو ته ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۽ وڻڪاري جي واڌاري لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايندڙ نسلن کي محفوظ ۽ بهتر مستقبل فراهم ڪرڻ …
صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-05 جون( اي پي پي) صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جنهن جي تحفظ لاءِ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار مڪاني ادارن جي صوبائي وزير ناصر حسين شاه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.صوبائي وزير ناصر حسين وڌيڪ چيو ته ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۽ وڻڪاري جي واڌاري لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايندڙ نسلن کي محفوظ ۽ بهتر مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحول دوست پاليسين ۽ گرين قدمن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي عملدرآمد جاري آهي. ناصر حسين شاهه عوام تي زور ڀريو ته هو پلاسٽڪ جي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪن.مڪاني ادارن واري وزير چيو ته وڻ لڳائڻ نه رڳو صدقه جاريه آهي پر ماحولياتي تحفظ جو هڪ اثرائتو ذريعو پڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماحوليات جو عالمي ڏينهن اسان کي پنهنجي ڌرتي کي سرسبز، صاف ۽ محفوظ بڻائڻ جي عزم جي ياد ڏياري ٿو. ناصر حسين شاهه عوام کي اپيل ڪئي ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن ته جيئن هڪ صاف، سرسبز ۽ پائيدار مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي.











