نوشهروفيروز- 02 جون (اي پي پي) شادي جي تقريب ۾ مبينه هوائي فائرنگ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق خان واهڻ جي علائقي ۾ شادي جي هڪ تقريب دوران مبينه هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. پوليس مطابق فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ مجاهد خشڪ جي نالي سان ٿي آهي. واقعي کانپوءِ نوجوان جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس …
نوشهروفيروز ۾ شادي تقريب ۾ مبينه هوائي فائرنگ، نوجوان فوت
نوشهروفيروز- 02 جون (اي پي پي) شادي جي تقريب ۾ مبينه هوائي فائرنگ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. تفصيل مطابق خان واهڻ جي علائقي ۾ شادي جي هڪ تقريب دوران مبينه هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. پوليس مطابق فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ مجاهد خشڪ جي نالي سان ٿي آهي. واقعي کانپوءِ نوجوان جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي ڄاڻ مطابق شادي جي تقريب ۾ جاري موسيقي پروگرام دوران اوچتو گولي هلڻ سبب نوجوان کي ڳلي ۾ گولي لڳي. پوليس مطابق واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ حقيقت سامهون ايندي.












