سي ٽي ڊي حيدرآباد جي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي، انتهائي گهربل روپوش دهشتگرد مبشر لغاري گرفتار

حيدرآباد- 02 جون (اي پي پي) سي ٽي ڊي حيدرآباد ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري انتهائي گهربل روپوش دهشتگرد مبشر لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي قبضي مان دهشتگردن جي مالي معاونت ڪرڻ جو رسيد بوڪ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪيل رقم، ٻه عدد هينڊ گرنيڊ، ڌماڪيدار بارودي مواد، ڊيٽونيٽر، رمورٽ ڪنٽرول، بيٽري، سيل ڊيٽونيٽنگ ڪواڊ …

حيدرآباد- 02 جون (اي پي پي) سي ٽي ڊي حيدرآباد ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري انتهائي گهربل روپوش دهشتگرد مبشر لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي قبضي مان دهشتگردن جي مالي معاونت ڪرڻ جو رسيد بوڪ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪيل رقم، ٻه عدد هينڊ گرنيڊ، ڌماڪيدار بارودي مواد، ڊيٽونيٽر، رمورٽ ڪنٽرول، بيٽري، سيل ڊيٽونيٽنگ ڪواڊ ۽ هڪ عدد بنا لائسنس وارو 30 بور جو پستول ۽ 6 گوليون هٿ آيون آهن. سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، گرفتار دهشتگرد جو تعلق جي ايس ايم ايم ۽ ايس ايل اي سان آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد جوابدار اطهر پنهور ۽ پريل ڪوريجو کي مبينه طور تي ايس ايل اي ڪمانڊر جي هدايت تي رينجرز جي گاڏين تي حملا ڪرڻ جي لاءِ هٿيار فراهم ڪري چڪو هو، بعد ۾ اطهر پنهور ۽ پريل ڪوريجو کي سي ٽي ڊي حيدرآباد پاران گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان سمورو اسلحو برآمد ڪيو ويو، جن جا ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهن. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن علي حيدر ڪتريو عرف ديشي، مهراڻ ميراڻي، سارنگ ميراڻي، عبدالرحيم کوسو، شبير نوحاڻي، سرڪش ڀٽي وارن جو پراڻو ساٿي آهي ۽ انهن جي مالي امداد ڪرڻ ۽ ضمانتن لاءِ رقم گڏ ڪري چڪو هو. ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد ملزم انڪشاف ڪيو آهي ته ان کي هينڊ گرنيڊ، بارودي مواد ۽ ڊيٽونيٽر دهشتگردي ڪرڻ جي لاءِ جيل وڃڻ کان اڳ ۾ علي حيدر ڪتريو، سارنگ ميراڻي ۽ مهراڻ ميراڻي وارن جي ايس ايم ايم جي سربراهه شفيع برفت ۽ ايس ايل اي جي ڪمانڊر شاهنواز ڀٽو جي چوڻ تي ڏنا هئا. جوابدار اهو به انڪشاف ڪيو ته پنجاب ويندڙ ڪارگو گاڏين تي پيٽرول بم حملن ۽ سي ٽي ڊي پوليس تي فائرنگ ۽ ٻين دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث ملزمن علي حيدر ديشي، سرڪش ڀٽي، علي حيدر کوسو، شبير نوحاڻي ۽ ٻين جي مالي معاونت ۽ سهولتڪاري ڪندو رهيو آهي. هن اهو به انڪشاف ڪيو ته ڊگهي عرصي کان ايس ايل اي جو ڪمانڊر شاهنواز ڀٽو دهشتگردن جي مالي معاونت جي لاءِ مختلف ذريعن کان مختلف اڪائونٽن ذريعي دهشتگردن جي مالي معاونت ۽ تنظيمي ڪمن جي فروغ لاءِ وقت به وقت جرمني مان رقم موڪليندو رهندو آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد پڙهيل لکيل ۽ آءِ ٽي ايڪسپرٽ آهي جيڪو پنهنجي تعليمي ذهانت کي دهشتگردي جهڙي ناپاڪ مقصدن ۽ پاڪستان جي سلامتي خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي. ترجمان موجب جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي ٻين ساٿين جي گرفتارين لاءِ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.

مزید خبریں