لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس ڊاڪٽر امجد بجاراڻي پڌرو ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي مان سالياني بئچ 49، سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کان هائوس جاب جي پهرئين ٽرم لاءِ درخواستون گهرايون ويون آهن. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پهرين جون کان داخلا فارم جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ …
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي مان سالياني سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کان هائوس جاب جي پهرئين ٽرم لاءِ درخواستون طلب
لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس ڊاڪٽر امجد بجاراڻي پڌرو ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي مان سالياني بئچ 49، سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کان هائوس جاب جي پهرئين ٽرم لاءِ درخواستون گهرايون ويون آهن. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پهرين جون کان داخلا فارم جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 جون مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انٽرويوز 18 جون تي ٿيندا. هائوس جاب پهرين جولاءِ 2026ع کان شروع ٿيندي. اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته پنهنجا درخواست فارم ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي هائوس جاب سيڪشن مان حاصل ڪري مقرر تاريخ اندر جمع ڪرائن ۽ پرنسيپال آفيس ۾ مٿي ڄاڻايل تاريخ تي انٽرويوز ۾ شرڪت ڪن، انٽرويو ۾ حصو نه وٺندڙ اميدوارن کي هائوس جاب لاءِ سليڪٽ نه ڪيو ويندو، جنهن جا ذميوار هو پاڻ هوندا، کين ڪو ٽي اي ڊي اي به نه ڏنو ويندو ۽ نه ئي ڪو الڳ ليٽر جاري ڪيو ويندو.












