ايم ڪيو ايم (پاڪستان) پنهنجي مُئل سياست کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ مختلف مسئلن ۽ معاملن کي غير ضروري طور سياسي رنگ ڏئي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم (پاڪستان) پنهنجي مُئل سياست کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ مختلف مسئلن ۽ معاملن کي غير ضروري طور سياسي رنگ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته گئس جي کوٽ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن ته ڪي-اليڪٽرڪ به سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارو ناهي. پاڻي جي کوٽ بابت سنڌ حڪومت اڳ …

ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم (پاڪستان) پنهنجي مُئل سياست کي ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ مختلف مسئلن ۽ معاملن کي غير ضروري طور سياسي رنگ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته گئس جي کوٽ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن ته ڪي-اليڪٽرڪ به سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارو ناهي. پاڻي جي کوٽ بابت سنڌ حڪومت اڳ ئي ارسا کي خط لکي آگاهه ڪري چڪي آهي ته هن وقت سنڌ کي 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جا اثر ڪراچي تي به پون ٿا. اهڙو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي معاملن ۽ مسئلن کي به سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست جو محور مسئلن جو حل ڳولڻ بدران انهن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان نه ته ايم ڪيو ايم جا اتحادي آهيون ۽ نه ئي وفاقي حڪومت جا. اسان صرف پارلياماني نظام ۽ جمهوري عمل جي تسلسل لاءِ وفاقي حڪومت جي حمايت ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪراچي ڪڏهن دنيا جي بهترين شهرن ۾ شمار ٿيندو هو، پاڪستان جو گاديءَ وارو شهر پڻ رهيو ۽ نار ملڪن سميت مختلف علائقن مان شاگرد هتي تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي صورتحال ان وقت خراب ٿيڻ شروع ٿي جڏهن شهر ۾ لساني سياست جو بنياد رکيو ويو. هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن بلدياتي ادارن ذريعي پارڪن کي شادي هالن ۾ تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته ان سڄي صورتحال بابت حقيقتون ايم ڪيو ايم جي قيادت به ڄاڻي ٿي. پارڪن ۽ اسپورٽس گرائونڊن تي قبضا ڪيا ويا ۽ بلدياتي ادارن ۾ اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، جن تي بعد ۾ دهشتگردي جهڙا سنگين الزام سامهون آيا. هن چيو ته 2015ع ۽ 2016ع دوران ٿيل آپريشن ۾ ڪيترائي اهڙا دهشتگرد سامهون آيا جيڪي ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جا ملازم هئا. بلدياتي نظام کي نقصان پهچايو ويو، جنهن سان ڪراچي جي تباهي جي شروعات ٿي. ڪجهه ملازم عملي ڪم ڪرڻ بدران يونٽ ۽ سيڪٽر آفيسن ۾ ويٺا رهندا هئا. هن چيو ته صحافي ولي خان بابر اهڙن معاملن بابت رپورٽنگ ڪئي هئي ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي هڪ پورٽ سٽي آهي ۽ سڄي ملڪ جي هيوي ٽريفڪ جو وڏو حصو هن شهر مان گذري ٿو. انفراسٽرڪچر لاءِ سنڌ جي حصي جا فنڊ مختلف قانوني معاملن سبب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي رهيا آهن ۽ صوبي کي دستياب نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ روينيو فراهم ڪري ٿو. روزگار، ڪاروبار، تعليم ۽ علاج جي مقصد لاءِ سڄي پاڪستان مان ماڻهو ڪراچي جو رُخ ڪن ٿا. جيڪڏهن ٻيا شهر ڪراچي کان بهتر هجن ها ته ماڻهو اتي وڃن ها، پر ڪراچي اڄ به ملڪ جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ واپاري مرڪز آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ارسا کي باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ته صوبي کي 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سندس چوڻ موجب پاڻي جي کوٽ سبب نه رڳو زراعت متاثر ٿئي ٿي پر شهري علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿئي ٿي. ڪراچي سنڌ جو آخري وڏو شهر آهي ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي سڀ کان آخر ۾ ڪراچي پهچي ٿو، تنهن ڪري جڏهن پاڻي جي مجموعي فراهمي گهٽجي وڃي ٿي ته ان جا سڌا اثر ڪراچي تي به پون ٿا.

مزید خبریں