لاڙڪاڻو ۾ ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي قتل، نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو- 01 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي قتل ٿي ويا جڏهن ته نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد سنڌ گرين ڪالوني ۾ مغيري ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ پيل گهر …

لاڙڪاڻو- 01 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي قتل ٿي ويا جڏهن ته نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد سنڌ گرين ڪالوني ۾ مغيري ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ پيل گهر ڀاتين مٿان انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 55 سالن جي پيرسن عورت زرينه خاتون مغيري سندس 36 ورهين جو پٽ ضمير، 28 ورهين جو روشن ۽ صائمه مغيري ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته بندهه علي سميت 3 ورهين جي نينگري ڪجلي مغيري سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي لاشن ۽ زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان پراڻي تڪرار تان بااثر غلام نبي مغيري پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري اسان جي چئن ڄڻن کي قتل ۽ نينگري سميت 2 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن واقعي بابت ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جڏهن ته مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سال اڳ مغيري ذات جو اصغر علي مغيري مارجي ويو هو، جنهن واقعي جو ڪيس مقتول ڌر مٿان داخل ٿيل هو، جنهن کان پوءِ ڌرين ۾ مسلسل ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات دير سان اهڙو واقعو پيش آيو آهي.

مزید خبریں