لاڙڪاڻو- 01 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو قتل، جوابدار هٿيار سميت ٿاڻي تي پيش ٿي ويو. سومر ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور وٽ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ پنهنجي 30 سالن جي ڌيءَ فردوس ۽ سندس مُڙس الهه آباد پاڙي جي رهواسي جاويد علي ڪوڪاري کي گوليون هڻي …
لاڙڪاڻو ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو قتل
لاڙڪاڻو- 01 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو قتل، جوابدار هٿيار سميت ٿاڻي تي پيش ٿي ويو. سومر ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور وٽ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ پنهنجي 30 سالن جي ڌيءَ فردوس ۽ سندس مُڙس الهه آباد پاڙي جي رهواسي جاويد علي ڪوڪاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار محمد پريل انڙ پوليس آڏو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول جاويد علي ڪوڪاري ڪجهه وقت اڳ فردوس انڙ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اڄ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ پيش پيل جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي.












