نوشهروفيروز- 01 جون (اي پي پي) قومي شاهراهه تي ڪوٽري ڪبير ويجهو هڪ تيز رفتار ٽرالر، موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. پوليس مطابق فوتين جو تعلق شر برداري سان آهي. حادثي کانپوءِ پوليس موقعي تي پهچي ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش هالاڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور …
نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت
نوشهروفيروز- 01 جون (اي پي پي) قومي شاهراهه تي ڪوٽري ڪبير ويجهو هڪ تيز رفتار ٽرالر، موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. پوليس مطابق فوتين جو تعلق شر برداري سان آهي. حادثي کانپوءِ پوليس موقعي تي پهچي ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش هالاڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. فرار ڊرائيور جي ڳولها جاري آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.












