حيدرآباد- پهرين جون (اي پي پي) سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سنڌ محمد نواز سوهو ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سان گڏجي هالا ناڪه تي تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن سيڪريٽري کي منصوبي جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي …
حيدرآباد: ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري پاران تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جو دورو
حيدرآباد- پهرين جون (اي پي پي) سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سنڌ محمد نواز سوهو ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سان گڏجي هالا ناڪه تي تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪم جي رفتار ۽ معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن سيڪريٽري کي منصوبي جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته فلاءِ اوور منصوبي کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ سان گڏ تعميراتي معيار کي به هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ضلعي انتظاميه منصوبي جي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته هي منصوبو شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ ۽ عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.












