لاڙڪاڻو ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس جي جوان جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪئي وئي

لاڙڪاڻو- پهرين جون (اي پي پي) امن جي قيام لاءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهندي پنهنجي قيمتي حياتي قربان ڪندڙ لاڙڪاڻو پوليس جي بهادر جوان مجيب الرحمان سولنگي جي جنازي نماز مڪمل سرڪاري اعزاز سان پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪئي وئي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، انسپيڪٽر جنرل پوليس جاويد عالم اوڍو، ڊي جي رينجرز سنڌ محمد شمريز ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پاران شهيد جي جسدِ …

لاڙڪاڻو- پهرين جون (اي پي پي) امن جي قيام لاءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهندي پنهنجي قيمتي حياتي قربان ڪندڙ لاڙڪاڻو پوليس جي بهادر جوان مجيب الرحمان سولنگي جي جنازي نماز مڪمل سرڪاري اعزاز سان پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪئي وئي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، انسپيڪٽر جنرل پوليس جاويد عالم اوڍو، ڊي جي رينجرز سنڌ محمد شمريز ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پاران شهيد جي جسدِ خاڪي تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. جڏهن ته جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور/لاڙڪاڻو سميت پوليس آفيسرن ۽ جوانن، سنڌ رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ سياسي، مذهبي، سماجي ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ايس ايس پي شڪارپور/لاڙڪاڻو شهيد جي وارثن سان ڳالهائيندي شهيد جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي.شهيد پوليس جوان 31 مئي 2026ع تي سول لائينز ٿاڻي جي حد گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سماج دشمن عنصرن سان وڙهندي شهادت ماڻي.

مزید خبریں