لاڙڪاڻو-31 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جون ڪاروايون جاري آهن، جڏهن ته ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. شهيد پوليس اهلڪار …
لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري، مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد
لاڙڪاڻو-31 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جون ڪاروايون جاري آهن، جڏهن ته ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. شهيد پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ مجيب الرحمان سولنگي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي نعمت الله ميمڻ آهي، ٻئي اهلڪار مددگار 15 بيس 01 تي مقرر هئا ۽ اُن وقت گشت تي هئا. لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.












