خيبر پختونخوا جي گورنر سان دوتاني قومي موومنٽ پاڪستان جي چيئرمين جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات

پشاور-30 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان دوتاني قومي موومنٽ پاڪستان جي چيئرمين محمد عثمان دوتاني جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق وفد ۾ مولانا ثناءُ الله، ملڪ نور خان، ملڪ حاجي فيض محمد، ملڪ ارسلا خان، ملڪ محمد نعمان ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. وفد، گورنر کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ …

پشاور-30 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان دوتاني قومي موومنٽ پاڪستان جي چيئرمين محمد عثمان دوتاني جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق وفد ۾ مولانا ثناءُ الله، ملڪ نور خان، ملڪ حاجي فيض محمد، ملڪ ارسلا خان، ملڪ محمد نعمان ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. وفد، گورنر کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آباد دوتاني قبائلي کي نادرا سان لاڳاپيل مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دوتاني قوم جو مسئلو سنجيده ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي، جهن جي ازالي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان آباد پشتون خلاف ڪارروائيون ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ جون شڪايتون نامناسب آهن، جنهن جو ازالو انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن، لاڳاپيل اختيارين کي دوتاني قبائلي جي شڪايتن جي ازالي جا حڪم جاري ڪيا. 

مزید خبریں