وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سوات موٽر وي تي پيش آيل المناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سوات موٽر وي تي پيش آيل المناڪ حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير حادثي کي انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ڪربناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انساني جانين کان وڌيڪ قيمتي ڪا به شيءِ ناهي. ترجمان موجب، وڏي وزير چيو ته اهڙن حادثن …

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سوات موٽر وي تي پيش آيل المناڪ حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير حادثي کي انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ڪربناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انساني جانين کان وڌيڪ قيمتي ڪا به شيءِ ناهي. ترجمان موجب، وڏي وزير چيو ته اهڙن حادثن سان سمورو ملڪ ڏک ۽ سوڳ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. سيد مراد علي شاهه پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو هن المناڪ گهڙي ۾ فوتين جي وارثن ۽ سوڳوار خاندانن سان برابر جي ڏک ۾ شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله پاڪ فوتين کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي.

مزید خبریں