ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فٽبال جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فٽبال هڪ عالمي شهرت يافته راند آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ وڏي شوق سان کيڏي ۽ پسند ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته فٽبال هڪ انتهائي خوبصورت راند آهي، جنهن ۾ رانديگرن جي بهترين مهارتن ۽ فٽنيس جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. فٽبال …
فٽبال هڪ عالمي شهرت يافته راند آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ وڏي شوق سان کيڏي ۽ پسند ڪئي وڃي ٿي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فٽبال جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فٽبال هڪ عالمي شهرت يافته راند آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ وڏي شوق سان کيڏي ۽ پسند ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته فٽبال هڪ انتهائي خوبصورت راند آهي، جنهن ۾ رانديگرن جي بهترين مهارتن ۽ فٽنيس جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. فٽبال نوجوانن کي اتحاد، نظم و ضبط ۽ ٽيم ورڪ جو درس ڏئي ٿي. سڄي دنيا ۾ امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ فٽبال هڪ اثرائتو ذريعو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن ۾ راندين جي واڌاري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ۾ جديد اسپورٽس ڪامپليڪس قائم ڪيا آهن. هن چيو ته نوجوانن کي معياري راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ شهرن ۾ به اسپورٽس ڪامپليڪس تعمير ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته رانديون صحتمند سماج جو بنياد ۽ مثبت سرگرمين جو بهترين ذريعو آهن. فٽبال مختلف قومن، ثقافتن ۽ طبقن وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪري ٿو. عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين کي راندين ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهن. وڏي وزير چيو ته فٽبال راند برداشت، احترام ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. نوجوان نسل کي منفي سرگرمين کان پري رکڻ لاءِ راندين جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته فٽبال جو عالمي ڏينهن اسان کي راندين ذريعي امن، خوشحالي ۽ ترقي جو پيغام ڏئي ٿو ۽ سنڌ حڪومت راندين جي واڌاري ۽ باصلاحيت رانديگرن جي همٿ افزائي جو سلسلو جاري رکندي.












