لاڙڪاڻو ۾ ڏوهارين خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري قتل، چوري ۽ ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو -24 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  جي قيادت ۽ ڊي ايس پي صدر/سول لائينز سعد جبار جي نگرانيءَ هيٺ ايس ايڇ او رحمتپور ٿاڻو سب انسپيڪٽر آصف افتخار پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. پوليس ٽيم پاران ڪيل هڪ ڪاروائي دوران قتل چوري ۽ ڦر جي واردات ۾ ملوث اشتهاري جوابدار عديل ڀٽي کي گرفتار ڪيو جڏهن ته هڪ ٻئي ڪاروائي دوران ريشم گلي ۾ چوري …

لاڙڪاڻو -24 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  جي قيادت ۽ ڊي ايس پي صدر/سول لائينز سعد جبار جي نگرانيءَ هيٺ ايس ايڇ او رحمتپور ٿاڻو سب انسپيڪٽر آصف افتخار پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. پوليس ٽيم پاران ڪيل هڪ ڪاروائي دوران قتل چوري ۽ ڦر جي واردات ۾ ملوث اشتهاري جوابدار عديل ڀٽي کي گرفتار ڪيو جڏهن ته هڪ ٻئي ڪاروائي دوران ريشم گلي ۾ چوري ۽ ڦر سميت ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث گينگ جي ٻن اڳواڻن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي جن جي سڃاڻپ دربارن گاڏهي ۽ رسول بخش بروهي طور ٿي آهي.جڏهن ته هڪ ٻي ڪاروائي دوران  شهري رياض احمد لهر جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي ۽ شهري ارشاد علي چانڊيو کان ڦر ٿيل قيمتي موبائل فون هٿ ڪئي آهي.

مزید خبریں