ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي انتظامن بابت ڊي سي آفيس قمبر ۾ اهم اجلاس ٿيو

لاڙڪاڻو -23 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي انتظامن بابت ڊي سي آفيس قمبر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر - ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو، ضلعي جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين جي آفيسرن، لائيو اسٽاڪ، پوليس، صحت، اطلاعات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي …

لاڙڪاڻو -23 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ عيدالاضحيٰ جي انتظامن بابت ڊي سي آفيس قمبر ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو، ضلعي جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين جي آفيسرن، لائيو اسٽاڪ، پوليس، صحت، اطلاعات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبرشهدادڪوٽ ڪامران حسين مشتاق عيدالاضحيٰ جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت لاڳاپيل ادارن کان تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيدگاهن، وڏين مسجدن ۽ امام بارگاهن تي پوليس جي موثر نفري مقرر ڪئي ويندي ته جيئن امن امان جي صورتحال برقرار رکي سگهجي. اجلاس ۾ هر تعلقي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ، قرباني جي جانورن جي آلائش ۽ گندگي جي بروقت نيڪالي لاءِ شڪايت مرڪز قائم ڪرڻ، عيد جي ڏينهن دوران بغير وقفي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ صفائي سٿرائي بابت هنگامي پلان تيار ڪري ان تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون .ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي هيٽ اسٽروڪ سينٽر ۽ وارڊ قائم ڪيا وڃن ته جيئن هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته تعلقه سطح تي اجلاس ۽ صفائي سٿرائي جي سرگرمين جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي. اجلاس ۾ عيد جي ڏينهن دوران ون ويلنگ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ڪنهن کي به ون ويلنگ ڪندي ڏٺو ويو ته ان کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي, ڊپٽي ڪمشنر لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته عيد کان پھريان ضلعي اندر جتي مال پِڙيون لڳايون ويون آهن اتي وڃي عيد جي قرباني لاءِ ايندڙ سڀني جانورن جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي ته جيئن اُنھن جانورن مان خطرناڪ وچڙندڙ بيمارين کان عوام کي بچائي سگهجي.ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عوام کي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائين.

مزید خبریں