خيبرپختونخوا جي گورنر پاران خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

پشاور-22 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خوارج خلاف سڄي صوبي ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي تي گورنر هاوس پشاور جي ترجمان مطابق خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز خوارج خلاف صوبي ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون. هن جو چوڻ هو ته سڄي صوبي ۾ ڪختلف ڪارروائين ۾ ٻه درجن خوارج کي ٺڪاڻي …

پشاور-22 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خوارج خلاف سڄي صوبي ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي تي گورنر هاوس پشاور جي ترجمان مطابق خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز خوارج خلاف صوبي ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون. هن جو چوڻ هو ته سڄي صوبي ۾ ڪختلف ڪارروائين ۾ ٻه درجن خوارج کي ٺڪاڻي لڳائڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين سان عوام ۽ صوبو وڏي نقصان کان محفوظ رهيو. گورنر چيو آهي ته هندوستان جي سرپرستي رکندڙ خوارج خلاف پاڪستاني عوام دوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪي استحڪام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ جانين جي قرباني پيش ڪري رهي آهي.

مزید خبریں