ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي صوبائي مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي ۽ آلائش آپريشن کي اثرائتو، منظم ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه …
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري
ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي صوبائي مڪاني ادارن، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي ۽ آلائش آپريشن کي اثرائتو، منظم ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته غير قانوني ڊمپنگ ۾ ملوث ڌرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ عيدالاضحيٰ صفائي آپريشن، آلائشون کڻڻ، ملبو منتقل ڪرڻ، لينڊ فل سائيٽن جي انتظامن، شڪايت مرڪزن ۽ هيلپ لائن جي ڪارڪردگي سميت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ طارق علي نظاماڻي، اسپيشل سيڪريٽري زين العابدين، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سوئپ عثمان معظم ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته آلائشون کڻڻ واري عمل ۾ ٽائون چيئرمينن، ٽي ايم سيز، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن وچ ۾ مڪمل هم آهنگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته عيد جي ٽنهي ڏينهن اضافي مشينري، اضافي گاڏيون ۽ اضافي عملي کي فيلڊ ۾ موجود رکيو وڃي ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ هن چيو ته هر گهٽي، پاڙي ۽ مرڪزي شاهراهه تان آلائشون فوري طور تي کنيون وڃن ۽ ان کان پوءِ چونن جو ڇٽڪاءُ ۽ جراثيم ڪش اسپري لازمي ڪيو وڃي ته جيئن بدبوءِ ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻي سگهجي. مڪاني ادارن واري وزير واضح ڪيو ته تعميراتي ملبو صرف جام چاکرو ۽ گوند پاس لينڊ فل سائيٽن جي مخصوص هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته ملبو کڻندڙ سڀني گاڏين جي رجسٽريشن لازمي هوندي۔ هن خبردار ڪيو ته شهر ۾ غير قانوني ڊمپنگ يا ڪچرو اڇلائڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪن۔ اجلاس ۾ ڪليڪشن پوائنٽن، کڏن جي تياري، آلائشين جي محفوظ تلفي ۽ شهري سهولت مرڪزن جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو۔ ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ طارق علي نظاماڻي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهرين ۾ بائيو ڊيگريڊيبل بيگز ورهايا ويندا ته جيئن آلائشين کي محفوظ نموني رکيو وڃي، جڏهن ته پارڪن ۽ گرين بيلٽن ۾ ماحول دوست قدمن تحت ڀالو مٽي جي استعمال سان نه رڳو صفائي جي عمل کي بهتر بڻايو ويندو پر لکين رپين جي بچت پڻ ممڪن ٿيندي۔ هن ٻڌايو ته شهري شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ هيلپ لائن 1128 چوويهه ڪلاڪ فعال رهندي، جڏهن ته هر ضلعي ۾ خاص شڪايت مرڪز پڻ قائم ڪيا ويندا۔ اجلاس دوران صوبي ۾ صفائي سٿرائي ۽ بلدياتي منصوبن لاءِ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ اسڪيمن جي تياري تي پڻ غور ڪيو ويو، جڏهن ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي اسڪيمن جون تجويزون فوري طور جمع ڪرايون وڃن ته جيئن مڪاني خدمتن ۽ صفائي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.












