پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعي اطلاعات آفيسن ۾ ساديون ۽  پرُوقار تقرببون منعقد ڪيون ويون

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سنڌ جي هدايتن تحت خميس ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعي اطلاعات آفيسن ۾ ساديون ۽  پرُوقار تقرببون منعقد ڪيون ويون جن دوران پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا.  ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد ۾ تقريب آفيس جي اڱڻ ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي پاڪستان …

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سنڌ جي هدايتن تحت خميس ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعي اطلاعات آفيسن ۾ ساديون ۽  پرُوقار تقرببون منعقد ڪيون ويون جن دوران پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا.  ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن حيدرآباد ۾ تقريب آفيس جي اڱڻ ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي پاڪستان جا قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ جي آفيسرن ۽ عملي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قائم ڊگهي دوستي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن “پاڪستان زندہ باد”، “پاڪ فوج زندہ باد” ۽ “پاڪ-چين دوستي زندہ باد” جا نعرا هنيا۔ تقريب کي خطاب ڪندڙن پاڪ-چين لاڳاپن جي اهميت تي روشني وجهندي ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ساڳئي سلسلي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ٻين ضلعن حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو ۽ سجاول جي ضلعي اطلاعات آفيسن ۾ پڻ جهنڊا ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن ۽ عملي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قائم مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

مزید خبریں