لاڙڪاڻو-21 مئي (اي پي پي)سنڌ حڪومت سڄي ملڪ جيان شڪارپور جي ضلعي انتظاميا به پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي نگرانيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ھر ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. ان موقعي تي ڊي …
پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو
لاڙڪاڻو-21 مئي (اي پي پي)سنڌ حڪومت سڄي ملڪ جيان شڪارپور جي ضلعي انتظاميا به پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي نگرانيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ھر ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ارشاد احمد سرڪي ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيمه، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر عارفه بتول چيو ته ھيءَ تقريب خوشگوار ۽ پروقار ماحول ۾ ٿي جنهن دوران پاڪستان ۽ چين جي دائمي دوستي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو. ھنن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ قائم ڊگهي دوستي کي مضبوط سفارتي لاڳاپن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي شڪارپور جي سڀني سرڪاري آفيسرن ۽ ٻي عملي تقريب ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. ريلي ۾ پاڪستان زند باد، پاڪستان چين دوستي زندہ باد، پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لااله الا الله، پاڪ فوج زند باد جا پڻ زوردار نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي ملازمن ۽ آفيسرن، سول سوسائٽي ۽ صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.












