ڪراچي 21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، سنت سائين ساڌ رام صاحب جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سنت سائين ساڌ رام صاحب جي وڇوڙي تي سوڳوار خاندان، هندو برادري ۽ سندن عقيدتمندن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنت سائين ساڌ رام صاحب جون مذهبي رواداري، انسان …
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنت سائين ساڌ رام صاحب جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
ڪراچي 21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، سنت سائين ساڌ رام صاحب جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سنت سائين ساڌ رام صاحب جي وڇوڙي تي سوڳوار خاندان، هندو برادري ۽ سندن عقيدتمندن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنت سائين ساڌ رام صاحب جون مذهبي رواداري، انسان دوستي ۽ سماجي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. وڏي وزير چيو ته سنت سائين ساڌ رام صاحب بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ امن جي علامت هئا، جن پنهنجي سڄي زندگي محبت، برداشت ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنت سائين ساڌ رام صاحب جو وڇوڙو هڪ ناقابلِ تلافي نقصان آهي ۽ سندن خدمتن جو خال گهڻي عرصي تائين محسوس ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنت سائين ساڌ رام صاحب جو مذهبي رواداري، امن ۽ سماجي ڀلائي وارو مشن جاري رهندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ راهه روشن ڪندو.











