خيرپور-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين و چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسرن، عملي، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي جهنڊو …
پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد
خيرپور-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين و چ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسرن، عملي، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ اخلاص تي مشتمل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، جڏهن ته پاڪ چين دوستي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.












