گهر وزير ضياءُ الحسن لنجار شهدادڪوٽ قمبر ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي-21 مئي(اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ فائرنگ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار سميت ٻن سڳن ڀائرن جي مارجي وڃڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گهرو وزير جي ترجمان موجب قمبر شهدادڪوٽ جي پکو ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيل فائرنگ جي واقعي بابت گهرو وزير پاران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ …

ڪراچي-21 مئي(اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ فائرنگ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار سميت ٻن سڳن ڀائرن جي مارجي وڃڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گهرو وزير جي ترجمان موجب قمبر شهدادڪوٽ جي پکو ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيل فائرنگ جي واقعي بابت گهرو وزير پاران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان فوري رپورٽ طلب ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث هٿياربند جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. ترجمان موجب ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي ته جوابدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ کان نٿا بچي سگهن، کين جلد کان جلد گرفتار ڪري متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪندي کين جلد انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريو. گهرو وزير ضلعي جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي ته جيئن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

مزید خبریں