پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره جي موقعي تي  حيدرآباد ۾ تقريب منعقد

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ نيو ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس حيدرآباد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صبا اسرار گڏيل طور تي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب  ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف …

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي سلسلي ۾ نيو ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس حيدرآباد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر صبا اسرار گڏيل طور تي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب  ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف سيال سميت ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ڀرپور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پاڪ-چين دوستي جا بينر پڻ لڳايا ويا جڏهن ته چيني جهنڊا پڻ ڦڙڪا ويا.تقريب جي شروعات ملي نغمن سان ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر دور جي آزمائشن ۾ ڪامياب ثابت ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، سهڪار ۽ خلوص جو بهترين مثال آهن. هن چيو ته پاڪ-چين دوستي علائقي ۾ ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي.هن وڌيڪ چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڀائپي جو رشتو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں