پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ تقريب منعقد

حيدرآباد-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره جي موقعي تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. سنڌ حڪومت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي خاص هدايتن تي منعقد ڪيل تقريب جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ڊگهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي يادگار بڻائڻ هو. تقريب دوران ميوزيم جي احاطي ۾ پاڪستان جو قومي جھنڊو پڻ ڦڙڪايو ويو. تقريب سنڌ حڪومت جي هدايتن مطابق …

حيدرآباد-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره جي موقعي تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. سنڌ حڪومت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي خاص هدايتن تي منعقد ڪيل تقريب جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ڊگهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي يادگار بڻائڻ هو. تقريب دوران ميوزيم جي احاطي ۾ پاڪستان جو قومي جھنڊو پڻ ڦڙڪايو ويو. تقريب سنڌ حڪومت جي هدايتن مطابق سادگي ۽ بچت جي اصولن تحت منعقد ڪئي وئي. جھنڊو ڦڙڪائڻ بعد هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين  وچ ۾ گذريل ستن ڏهاڪن دوران قائم دوستي، تعاون ۽ ثقافتي لاڳاپن جي اهم مرحلن کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌ ميوزيم حيدرآباد ذوالفقار علي پنهور چيو ته هيءَ تقريب ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ واري ضرورت تي زور ڀري ٿي. هن چيو ته ثقافتي ادارا اهڙن تاريخي موقعن بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. تقريب ۾ آفيسرن، عملي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميوزيم جي ڪوششن کي ساراهيو. 

مزید خبریں