سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ ٽرڪن، ٽرالرن ۽ هيوي لوڊنگ گاڏين لاءِ شهر کان ٻاهر هڪ جديد ٽرمينل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرڪن، ٽرالرن ۽ هيوي لوڊنگ گاڏين لاءِ شهر کان ٻاهر هڪ جديد ٽرمينل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نادرن بائي پاس تي تعمير ڪيو ويندو. ان سان گڏ ڪراچي پورٽ کان تجويز ڪيل هيوي ويهڪلز ٽرمينل تائين هڪ خاص هيوي ويهڪل ٽريڪ پڻ تعمير ڪيو ويندو ته جيئن ڳرين گاڏين جي اچ وڃ کي منظم بڻائي سگهجي. سنڌ …

ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرڪن، ٽرالرن ۽ هيوي لوڊنگ گاڏين لاءِ شهر کان ٻاهر هڪ جديد ٽرمينل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نادرن بائي پاس تي تعمير ڪيو ويندو. ان سان گڏ ڪراچي پورٽ کان تجويز ڪيل هيوي ويهڪلز ٽرمينل تائين هڪ خاص هيوي ويهڪل ٽريڪ پڻ تعمير ڪيو ويندو ته جيئن ڳرين گاڏين جي اچ وڃ کي منظم بڻائي سگهجي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان منصوبي سان شهر ۾ ڳري ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ نمايان گھٽتائي ايندي ۽ ٽرانسپورٽ نظام ۾ بهتري پيدا ٿيندي. اهي فيصلا سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن جي صدارت سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئي. اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي سليم الله اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گھٽتائي ۽ ماحول دوست سفري سهولتن کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف منصوبن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. بورڊ جي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اي وي (اليڪٽرڪ ويهڪل) ٽيڪسي سروس جلد شروع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته منصوبي تي عملي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ لاءِ هلندڙ مهيني فنانشل ايويليوئشن اوپن ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ 50 نيون ڊبل ڊيڪر بسون خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ موجب، ڊبل ڊيڪر بسن جو مقصد شهري چرپر ۽ مسافرن جي اچ وڃ کي بهتر بڻائڻ آهي، جڏهن ته هر بس ۾ 126 مسافرن جي گنجائش هوندي، جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي دٻاءُ ۾ نمايان گھٽتائي ايندي. اجلاس ۾ عورتن لاءِ وڌيڪ 500 پنڪ اي وي اسڪوٽيون خريد ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 22 مئي تي حيدرآباد ۾ عورتن کي پنڪ اي وي اسڪوٽيون ورهايون وينديون. سندس چوڻ هو ته پنڪ اي وي اسڪوٽي اسڪيم هڪ انقلابي منصوبو ثابت ٿي آهي، جنهن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته صرف هڪ سال ۾ هڪ هزار اسڪوٽين معاشرتي سوچ کي بدلائي ڇڏيو آهي. بورڊ اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 500 اي وي بسون خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. انهن مان 450 اي وي بسون ڪراچي جي 25 مختلف روٽن، جڏهن ته 50 بسون حيدرآباد جي 5 روٽن تي هلايون وينديون. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته اي وي گاڏين لاءِ پوري صوبي ۾ 5 جديد ڊيپو قائم ڪيا ويندا، جن مان 4 ڪراچي جڏهن ته هڪ حيدرآباد ۾ تعمير ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اي وي بسن جي ايندڙ مرحلي جي شروعات سکر کان ڪئي ويندي ته جيئن سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ موليٰ عليؑ جي قدم گاهه ويجهو هڪ ماڙ پارڪنگ پلازا تعمير ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، جيڪو هڪ ايڪڙ زمين تي ٻڌل هوندو ۽ ان سان زائرين ۽ شهرين کي بهتر پارڪنگ جي سهولت ميسر ايندي. ان کان علاوه اجلاس ۾ اڳتي هلي سمورن ٽريفڪ سگنلن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

مزید خبریں