حيدرآباد- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيل آگاهي سيشن دوران زرعي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽماٽن، انبن، کجين، مرچن، بصر ۽ ٻين ڀاڄين ۽ ميون جي ويليو ايڊيشن، فوڊ پروسيسنگ ۽ ايڪسپورٽ جي واڌاري سان نه رڳو آبادگارن جي آمدني ۾ نمايان اضافو آڻي سگهجي ٿو، پر زرعي معيشت کي مضبوط بڻائي، خوراڪ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽائي ۽ نوجوانن لاءِ زرعي انٽر پرينيوئرشپ …
سنڌ ۾ زرعي ويليو ايڊيشن ۽ فوڊ پروسيسنگ سان نوجوانن لاءِ انٽر پرينيوئرشپ ۽ آبادگارن لاءِ ترقي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون: ماهر
حيدرآباد- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيل آگاهي سيشن دوران زرعي ماهرن چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽماٽن، انبن، کجين، مرچن، بصر ۽ ٻين ڀاڄين ۽ ميون جي ويليو ايڊيشن، فوڊ پروسيسنگ ۽ ايڪسپورٽ جي واڌاري سان نه رڳو آبادگارن جي آمدني ۾ نمايان اضافو آڻي سگهجي ٿو، پر زرعي معيشت کي مضبوط بڻائي، خوراڪ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽائي ۽ نوجوانن لاءِ زرعي انٽر پرينيوئرشپ جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪري سگهجن ٿا. ماهرن چيو ته سنڌ زرعي پيداوار جي لحاظ کان انتهائي اهم صوبو آهي، پر ڀاڄين ۽ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ، ڪولڊ چين، ويليو چين ڊولپمينٽ ۽ عالمي معيار موجب ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏئي پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿو. اھڙو اظھار ھنن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ منعقد سيمينار ۽ آگاهي سيشن دوران ڪيو، گڏوگڏ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سنڌ ريسرچ سپورٽ پروگرام تحت ”ڊولپمينٽ آف ٽوميٽو باءِ پراڊڪٽس ايز فنڪشنل فوڊز“ عنوان واري تحقيقي منصوبي جا نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا، سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ڊين فيڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀاڄين ۽ ميون کي جديد فوڊ پروسيسنگ ٽيڪنالاجي ذريعي ويليو ايڊڊ شين ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ٽماٽن، انبن، کجين، کير ۽ ٻين زرعي شين مان جوس، پائوڊر، پيوري، خشڪ شيون ۽ ٻيون باءِ پراڊڪٽس تيار ڪري مقامي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ متعارف ڪرائي سگهجن ٿيون، جنهن سان آبادگارن کي بهتر اگهه ملڻ سان گڏ زرعي روانگي واپار ۾ به اضافو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هر سال وڏي مقدار ۾ ڀاڄيون ۽ ميوا مناسب پروسيسنگ ۽ جديد اسٽوريج جي کوٽ سبب ضايع ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته جديد فوڊ پروسيسنگ، ڪولڊ اسٽوريج ۽ ويليو چين سسٽم ذريعي ان نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو، پروجيڪٽ جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر شھزور گل خاصخيلي پنهنجي تحقيق جا نتيجا پيش ڪندي ٻڌايو ته مطالعي دوران ٽماٽو پائوڊر، جوس ۽ ڪيچپ جي غذائي خاصيتن، اينٽي آڪسيڊنٽ سرگرمي، ذائقي، معيار ۽ 60 ڏينهن واري ڪولڊ اسٽوريج استحڪام جو تقابلي جائزو ورتو ويو، جنھن ۾ ٽماٽو ڪيچپ غذائي معيار جي لحاظ کان اٽڪل ڪمزور ثابت ٿيو، جنهن جو وڏو سبب وڌيڪ گرمي ۽ کنڊ ۽ لوڻ جي ملاوٽ آهي. هن سفارش ڪئي ته وڌيڪ غذائي فائدن لاءِ تازو ٽماٽو جوس، جڏهن ته وڌيڪ شيلف لائيف ۽ منرلز لاءِ ٽماٽو پائوڊر کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. هن فوڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته ٽماٽن سميت ٻين زرعي شين جي ضمني شين کي فنڪشنل فوڊ اجزا طور استعمال ڪري خوراڪ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽايو وڃي ۽ مصنوعي اينٽي آڪسيڊنٽس تي ڀاڙڻ محدود ڪيو وڃي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز حسين سومري، فوڊ ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ تحقيق، تدريسي سرگرمين، نجي شعبي ۾ روزگار جي موقعن ۽ نوجوانن لاءِ فوڊ انٽرپرينيوئرشپ جي امڪانن بابت تفصيلي روشني وڌي.












