لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري، 10 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 20 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن موجب لاڙڪاڻو پوليس اشتهاري، فرار ٿيل ۽ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪندي 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. لاشاري ٿاڻي جي حد بگو سم واري علائقي مان قتل جي ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتهاري ملزم گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ يونس ويسر جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار ٿيل …

لاڙڪاڻو- 20 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن موجب لاڙڪاڻو پوليس اشتهاري، فرار ٿيل ۽ سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪندي 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. لاشاري ٿاڻي جي حد بگو سم واري علائقي مان قتل جي ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتهاري ملزم گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ يونس ويسر جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار ٿيل جوابدار 2024ع کان بخشل ويسر قتل ڪيس ۾ مفرور هو.ٻئي پاسي پوليس سماجي بُراين خلاف ڪارروائي ڪندي حيدري ٿاڻي جي حد پيرزادا ڪالوني واري علائقي ۾ جُوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي9 جوارين کي گرفتار ڪري ورت، گرفتار جوارين ۾ سراج، فاروق، حيدر، سميع، آڪاش، علي، نويد، شعبان ۽ عبدالله شامل آهن. گرفتار جوابدارن کان ڪيش ۽ تاس جا پتا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي واريون ڪارروايون جاري آهن.

مزید خبریں