لاڙڪاڻو- 20 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد حسين مهر، اسسٽنٽ مختيارڪار رتوديرو انصار احمد منگريو، ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو انچارج سعد بقا شاهه راشدي ۽ نئوديرو جا ٻيا عملدار موجود هئا. ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جي انچارج، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڪڻڪ جي موجوده اسٽاڪ ۽ آبادگارن کي …
ڊپٽي ڪمشنر پاران ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جو دورو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 20 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد حسين مهر، اسسٽنٽ مختيارڪار رتوديرو انصار احمد منگريو، ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو انچارج سعد بقا شاهه راشدي ۽ نئوديرو جا ٻيا عملدار موجود هئا. ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جي انچارج، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڪڻڪ جي موجوده اسٽاڪ ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي ادائيگي بابت آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آبادگارن کي 90 سيڪڙو ادائيگي ادا ڪئي وئي آهي، باقي 10 سيڪڙو ادائيگي اعليٰ اختيارين پاران جاري ٿيڻ سان ئي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نئوديرو جي انچارج کي هدايت ڪئي ته آبادگارن کان ڪڻڪ جي آساني سان وصولي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جا وائوچرز ساڳئي ڏينهن ڊي ايف سي ڏانهن موڪليا وڃن.











