حيدرآباد- 20 مئي (اي پي پي) اين پي سي آءِ ايڇ اي جي صوبائي نائب صدر مظهر چانڊيو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته هي عمل خطي جي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي بينڪ جي ثالثي ۾ ٿيل سنڌ …
ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جُون خلاف ورزيُون ناقابل قبول آهن، هي عمل خطي جي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو: مظهر چانڊيو

مزید خبریں
حيدرآباد- 20 مئي (اي پي پي) اين پي سي آءِ ايڇ اي جي صوبائي نائب صدر مظهر چانڊيو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته هي عمل خطي جي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي بينڪ جي ثالثي ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدو هڪ تسليم ٿيل عالمي معاهدو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ دريائن جي پاڻي جي منصفاڻي ونڊ ورڇ کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڻي تڪرارن کان بچڻ آهي، تنهن هُوندي به ڀارت مسلسل اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جيڪي ان معاهدي جي روح جي خلاف آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ان جي معيشت جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي پاڻي جي حصي ۾ ڪا رڪاوٽ وڌي وئي ته ان جا اثر نه رڳو زرعي پيداوار تي پر مجموعي قومي معيشت تي به پوندا. مظهر چانڊيو وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڊيمن ۽ ٻين پاڻي منصوبن ذريعي پاڻي جي وهڪري کي مُتاثر ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ اهڙا قدم علائقائي امن ۽ استحڪام کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام عالمي بينڪ، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن کان مُطالبو ڪري ٿي ته اُهي فوري طور تي نوٽيس وٺندي ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل طور تي عملدرآمد جو پابند بڻائين ۽ پاڪستان کي پنهنجي حصي جي پاڻي جي بنارُڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائن. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي اثرائتو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ سفارتي ۽ قانوني ذريعن کي استعمال ڪندي قومي مفادن جو دفاع جاري رکندو.











