لاڙڪاڻو- 19 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. ضلعي پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق گرفتار ٿيل دهشتگرد رياست خلاف سازش ۾ ملوث آهي، جڏهن ته پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي ٻي ڪارروائي ڪري 2 نان ڪسٽم گاڏيون تحويل ۾ وٺي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري …
لاڙڪاڻو پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 19 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو. ضلعي پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق گرفتار ٿيل دهشتگرد رياست خلاف سازش ۾ ملوث آهي، جڏهن ته پوليس ڳجهن ادارن سان گڏجي ٻي ڪارروائي ڪري 2 نان ڪسٽم گاڏيون تحويل ۾ وٺي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس ادارن سان گڏ شهر جي وليد ٿاڻي جي حد نيو بس ٽرمينل واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڙڪاڻو پوليس حساس ادارن سان گڏجي هٿيار سپلاءِ ڪندڙ هڪ دهشتگرد کي جديد هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ عاصم پٺاڻ جيڪو پشاور جو رهواسي آهي، کي گرفتار ڪري ورتو، دهشتگرد وٽان هٿيار، 2 ايس ايم جي رائيفل، 2 پسٽل، اسٽيل باڊي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار دهشتگرد رياست خلاف سازشن ۾ ملوث آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻو پوليس وفاقي سول حساس ادارن سان گڏجي تعلقي ٿاڻي جي حد قمبر روڊ سان انڌي موري واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري 2 نان ڪسٽم گاڏيون هٿ ڪيون آهن. پوليس پڌرائي موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين جي سڃاڻپ بلوچستان جي علائقي مستونگ جو رهائشي آفتاب نور بنگلزئي ۽ عادل حسين بنگلزئي طور ڪئي وئي، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.











