ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ تائين روڊ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انتهائي اهم شاهراهه آهي: صوبائي وزير علي حسن زرداري

ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آهي ته ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ تائين روڊ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انتهائي اهم شاهراهه آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان کي وڌيڪ ويڪرو، خوبصورت ۽ جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته منصوبو ٽن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شهرين کي ٽريفڪ جي مسئلن ۾ رليف ملي سگهي. اھڙو اظهار هن …

ڪراچي- 19 مئي (اي پي پي) ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آهي ته ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ تائين روڊ ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انتهائي اهم شاهراهه آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان کي وڌيڪ ويڪرو، خوبصورت ۽ جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته منصوبو ٽن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شهرين کي ٽريفڪ جي مسئلن ۾ رليف ملي سگهي. اھڙو اظهار هن ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ تائين روڊ جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن بابت اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز علي حسن زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ 30.5 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه جي توسيع، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ حددخلين جي خاتمي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملير هالٽ کان گھگھر ڦاٽڪ تائين شاهراهه کي جديد سهولتن سان ليس خوبصورت “گيٽ وي ڪوريڊور” بڻايو ويندو، جيڪو ڪراچي جي داخلا واري رستي کي وڌيڪ محفوظ، منظم ۽ عوام دوست بڻائيندو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه هدايت ڪئي ته 30.5 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه تان سموريون حد دخليون فوري طور ختم ڪيون وڃن، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي کي ان حوالي سان ضروري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي. هن ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي پڻ هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم دوران جامع ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي آمدرفت ۾ تڪليف پيش نه اچي. علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته شاهراهه تي جديد بس اسٽاپس ۽ منظم يوٽرنز پڻ فراهم ڪيا ويندا ته جيئن ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير گڏيل طور شاهراهه جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندا. 

مزید خبریں