سانا پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ھوشيار شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع

حيدرآباد- 19 مئي (اي پي پي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميريٽوريس شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي ۾ تقريب دوران قابل ۽ ذهين شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، تقريب جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، تقريب دوران 46 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 36 لک 90 هزار رپين جي ماليت …

حيدرآباد- 19 مئي (اي پي پي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميريٽوريس شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي ۾ تقريب دوران قابل ۽ ذهين شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، تقريب جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، تقريب دوران 46 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 36 لک 90 هزار رپين جي ماليت جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، جن ۾ سانا – فيم سنڌ زرعي يونيورسٽي اسڪالرشپ پروگرام ۽ اسڪاٽلينڊ پاڪستان اسڪالرشپ اسڪيم شامل آهن، جيڪا خاص طور شاگردياڻين لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سانا پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام جي شروعات خوشي جي ڳالھ آھي، هن چيو ته سانا ان کان اڳ ملڪ جي ٻين يونيورسٽين جي شاگردن جي پڻ مالي سهائتا ڪندي رهي آهي، جڏهن ته هاڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ذهين ۽ قابل شاگردن کي به ان سهولت مان فائدو حاصل ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي پنهنجي اينڊوومينٽ فنڊ ذريعي به مستحق شاگردن جي مالي سهائتا جاري رکندي، بشرطيه ڪه شاگرد پنهنجي تعليمي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي چيو ته اسڪالرشپ ۽ مالي سهائتا جا پروگرام اعليٰ تعليم جي واڌاري ۽ مستحق شاگردن کي اعتماد سان تعليم جاري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ ان کان اڳ انچارج ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس رفيق احمد شيخ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سانا-فيم اسڪالرشپ پروگرام تحت 28 شاگردن کي 18 لک 82 هزار رپين جا اسڪالرشپ ڏنا ويا، جڏهن ته اسڪاٽ لينڊ پاڪستان اسڪالرشپ اسڪيم تحت 18 شاگردياڻين کي 18 لک 14هزار رپين جا اسڪالرشپ فراهم ڪيا ويا، وائيس چانسلر اسڪالرشپ ڪميٽي جي ميمبرن خاص طور ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو ۽ ڊاڪٽر عارف حسين مگسي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو، جن سانا اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو ۽ ڊاڪٽر عارف حسين مگسي پڻ خطاب ڪيو ۽ تعليمي ميدان ۾ اسڪالرشپس جي اهميت تي روشني وڌي.

مزید خبریں