هر مريض جي جان اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي: صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو

حيدرآباد- 19 مئي(اي پي پي) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته هر مريض جي جان اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي، تنهن ڪري صحت کاتي جا آفيسر، ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ورڪرز مڪمل ذميواري ۽ جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي بيمارين ۽ انفيڪشنز کان محفوظ بڻائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته صفائي سٿرائي ۽ حفظان صحت جي اصولن ۽ …

حيدرآباد- 19 مئي(اي پي پي) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته هر مريض جي جان اسان لاءِ انتهائي قيمتي آهي، تنهن ڪري صحت کاتي جا آفيسر، ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ورڪرز مڪمل ذميواري ۽ جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي بيمارين ۽ انفيڪشنز کان محفوظ بڻائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته صفائي سٿرائي ۽ حفظان صحت جي اصولن ۽ ايس او پيز تي ڪنهن به قسم جي نرمي برداشت نه ڪئي ويندي.هن اها ڳالهه نيو ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس حيدرآباد ۾ صحت کاتي حيدرآباد طرفان منعقد ڪيل حفظان صحت ۽ انفيڪشن ڪنٽرول بابت آگاهي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر وقار محمود، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين، هيلٿ آفيسرز، ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ ورڪرز پڻ موجود هئا.
اجلاس ۾ انفيڪشنز جي پکڙجڻ، اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي، اسپتال ويسٽ مينيجمينٽ، سينيٽائيزيشن، هينڊ هائيجين، سرفيس جي ڊس انفيڪشن ۽ مريضن جي محفوظ سار سنڀال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ماهرن ٻڌايو ته ارڙي جي ويڪسين هر ٻار کي لازمي طور تي ڏني وڃي ته جيئن مختلف بيمارين ۽ انفيڪشنز جي ڦهلاءَ کي گهٽائي سگهجي، جڏهن ته وقت سر حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ سان انهن بيمارين کان مؤثر بچاءُ ممڪن آهي.
صحت واري وزير چيو ته صحت جي عالمي اداري جي معيارن مطابق هينڊ هائيجين ۽ سينيٽائيزيشن اختيار ڪرڻ سان انفيڪشنز جي ڦهلاءَ کي گهٽائي سگهجي ٿو. هن چيو ته استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سان هيپاٽائٽس بي، سي ۽ ايڇ آءِ وي جهڙيون خطرناڪ بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون، تنهن ڪري هر صورت ۾ نئين ۽ محفوظ سرنج جو استعمال يقيني بڻايو وڃي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اعلان ڪيو ته اسپتالن ۾ حفظان صحت ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي، جيڪا صبح ۽ شام اسپتالن جا دورا ڪري صفائي، ويسٽ مينيجمينٽ، سينيٽائيزيشن، واش رومز ۽ عملي جي هائيجين جو تفصيلي جائزو وٺندي. هن چيو ته غفلت يا لاپرواهي تي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته حفظان صحت بابت آگاهي مهم کي ضلعي سطح تي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف ذريعن ذريعي عوام ۾ صفائي ۽ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪيو وڃي.

مزید خبریں