حيدرآباد جي مصطفيٰ پارڪ ڀرسان پڃياري واهه ۾ وهنجندي هڪ نوجوان ٻڏي ويو

حيدرآباد- 19 مئي(اي پي پي) حيدرآباد جي مصطفيٰ پارڪ ڀرسان پڃياري واهه ۾ وهنجندي 35 ورهين جو هڪ شخص جبران پٽ اقبال انصاري ٻڏي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي ويل شخص نظام ڪالوني جو رهواسي هو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي هئي پر اڱاري جي ڏينهن منجهند تائين لاش هٿ نه اچي سگهيو هو. نوجوان جي گهر …

حيدرآباد- 19 مئي(اي پي پي) حيدرآباد جي مصطفيٰ پارڪ ڀرسان پڃياري واهه ۾ وهنجندي 35 ورهين جو هڪ شخص جبران پٽ اقبال انصاري ٻڏي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي ويل شخص نظام ڪالوني جو رهواسي هو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي هئي پر اڱاري جي ڏينهن منجهند تائين لاش هٿ نه اچي سگهيو هو. نوجوان جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هو ڪم تان واپس اچڻ کان پوءِ روزانو واهه ۾ وهنجڻ ويندو هو. گذريل رات به هو وهنجڻ ويو ته سندس ڀيڻ کيس ٻڏندي ڏٺو ۽ ريسڪيو ٽيم کي اطلاع ڏنو.

مزید خبریں