اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪيل ٽيبلٽ جي اپ لوڊ جو مسئلو (اڄ) تائين حل ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ ۾ سيد نويد قمر جي اعتراض واري نُڪتي تي هن چيو ته ايوان جي ڪارروائي پيپر ليس ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، ميمبرن کي فراهم ڪيل ٽيبلٽ ۾ ڊائون لوڊ ڪيل ايپ …
اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪيل ٽيبلٽ جي اپ لوڊ جو مسئلو (اڄ) تائين حل ڪنداسين: ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪيل ٽيبلٽ جي اپ لوڊ جو مسئلو (اڄ) تائين حل ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ ۾ سيد نويد قمر جي اعتراض واري نُڪتي تي هن چيو ته ايوان جي ڪارروائي پيپر ليس ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، ميمبرن کي فراهم ڪيل ٽيبلٽ ۾ ڊائون لوڊ ڪيل ايپ ڪم ناهي ڪري رهي. ڊپٽي اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي ٽيبلٽ جي ايپ جو مسئلو (اڄ) تائين حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي هڪ کان وڌيڪ ضمني سوال نه پُڇڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هڪ ميمبر جا ڪيترائي سوال پُڇڻ تي وقت جو ضيان ٿئي ٿو.











