آمريڪا اولهه ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود پنهنجي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

واشنگٽن- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي عملدارن اولهه ايشيا جي ملڪن ۾ موجود پنهنجي سفارتخانن ذريعي پنهجي شهرين لاءِ سيڪيورٽي وارننگ جاري ڪندي انهن کي محتاط ۽ چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اولهه ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آمريڪي سفارتخانن فوري طور تي سيڪيورٽي وارننگ جاري ڪندي پنهنجي شهرين تي زور ڀريو آهي ته اهي انهن هدايتن تي عمل ڪن. انهن جو چوڻ …

واشنگٽن- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي عملدارن اولهه ايشيا جي ملڪن ۾ موجود پنهنجي سفارتخانن ذريعي پنهجي شهرين لاءِ سيڪيورٽي وارننگ جاري ڪندي انهن کي محتاط ۽ چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اولهه ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آمريڪي سفارتخانن فوري طور تي سيڪيورٽي وارننگ جاري ڪندي پنهنجي شهرين تي زور ڀريو آهي ته اهي انهن هدايتن تي عمل ڪن. انهن جو چوڻ آهي ته خطي ۾ اڏامون رد ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪي سفارتخانن اهي فوري سيڪيورٽي وارننگز جاري ڪندي پنهنجي شهرين کي وچ اوڀر ۾ جاري چڪتاڻ سبب چوڪس ۽ محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني خاص طور تي حوثي ۽ سعودي عرب وچ ۾ تازين چڪرين جو حوالو ڏنو آهي جن ۾ هوائي اڏن تي حملا پڻ شامل آهن ۽ خبردار ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي پڻ ڌار وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته يمن ۾ سعودي عرب ۽ حوثين وچ ۾ تڪرار ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان موجود آهي.