ٽوڪيو- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) هڪ طاقتور سامونڊي طوفان ڊوجوان سومر ۽ اڱاري تائين جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو سميت ملڪ جي اوڀر سامونڊي ڪناري وارن علائقن سان ٽڪرائي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي موسميات کاتي ڄاڻايل علائقن جي رهواسين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي تيز برسات ۽ هوائن جي خطري کي نظر ۾ رکندي چوڪس رهن. رپورٽ موجب جاپان جي مقامي وقت موجب آچر …
ٽوڪيو سيمت جاپان جي اوڀر وارن علائقن ۾ سامونڊي طوفان جو خدشو
ٽوڪيو- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) هڪ طاقتور سامونڊي طوفان ڊوجوان سومر ۽ اڱاري تائين جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو سميت ملڪ جي اوڀر سامونڊي ڪناري وارن علائقن سان ٽڪرائي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي موسميات کاتي ڄاڻايل علائقن جي رهواسين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي تيز برسات ۽ هوائن جي خطري کي نظر ۾ رکندي چوڪس رهن. رپورٽ موجب جاپان جي مقامي وقت موجب آچر تي صبح جو 09 وڳي تائين هلندڙ سال جو 25هون سامونڊي طوفان ڊوجوان ملڪ جي ڏکڻ طرف سمنڊ جي مٿان اتر اولهه طرف 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌي رهيو آهي. ان جي مرڪز جي ويجهو هوا جي رفتار 126 کان 180 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سامونڊي طوفان سومر تي ٽوڪيو جي اوڀر ۾ واقع صوبي چيبا ڪيجز سان ٽڪرائجي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ تيز برساتن ۽ طوفاني هوائن سبب سمنڊ ۾ وڏيون لهرون پيدا ٿين جو امڪان آهي، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. امڪاني متاثر علائقن جي رهواسين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي طوفان جي صورتحال کان آگاهه رهن ۽ احتياطي اپاءَ اختيار ڪن.











