وچ اوڀر کان پاڪستانين جي بي دخلي جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وچ اوڀر کان پاڪستانين جي بي دخلي جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران وچ اوڀر کان پاڪستانين جي بي دخلي جي معاملي تي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وچ اوڀر کان پاڪستانين جي بي دخلي جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران وچ اوڀر کان پاڪستانين جي بي دخلي جي معاملي تي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، پاڪستانين جي بي دخلي جي حوالي سان خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته هن وقت پرڏيهي وزارت وٽ ڪا اهڙي ڊيٽا يا ڪو اطلاع نه آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ته پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، ان باري ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.