وزيراعظم شهباز شريف جي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي تعاون ۽ وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جنگبندي برقرار رکڻ، وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي وزيراعظم …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جنگبندي برقرار رکڻ، وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي قيادت ۾ جاري امن ڪوششن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم پاڪستان جي امن قدمن جي حمايت تي قطر جا دل سان ٿورا ادا ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي پنهنجون ڀرپور ڪوششون جاري رکندو. ان ڏس ۾ ٻنهي اڳواڻن جنگبندي برقرار رکڻ، وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ اظهار ڪيو.