اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ 13 مارچ 2026ع تي حڪومت پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينا سيڪريٽري ڪميٽي کي مختلف عمل هيٺ قدمن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ حڪومت پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ 13 مارچ 2026ع تي حڪومت پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينا سيڪريٽري ڪميٽي کي مختلف عمل هيٺ قدمن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن پاران انهن قدمن بابت اٿاريل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب موجوده معاشي چئلينجز دوران مالياتي نظم ۽ ضبط جي اهميت تي زور ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن تي زور ڏنو ته اهي سرڪاري خرچن ۽ انتظامي فيصلن ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط جو مظاهرو ڪن ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري سان صوبن سان مشاورت کانپوءِ طئي ڪيل حڪومتي ڪفايت شعاري فريم ورڪ تي سختي سان عمل يقيني بڻائين. اجلاس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ۽ گهرو معاملن وارن سيڪريٽرين، اسپيشل سيڪريٽري پيٽروليم ۽ ٻين اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.










