پاليسي بورڊ نيون اي وي بسون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-18 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاليسي بورڊ 500 اي وي بسون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته انهن روٽس ۾ اتحاد ٽائون، بنارس ڪالوني، لياقت آباد، جهانگير روڊ ۽ ڪينٽ اسٽيشن تائين اي وي بسون هلايون وينديون، جڏهن ته اورنگي غازي آباد، اقبال مارڪيٽ، وليڪا، ناظم آباد نمبر …

ڪراچي-18 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاليسي بورڊ 500 اي وي بسون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته انهن روٽس ۾ اتحاد ٽائون، بنارس ڪالوني، لياقت آباد، جهانگير روڊ ۽ ڪينٽ اسٽيشن تائين اي وي بسون هلايون وينديون، جڏهن ته اورنگي غازي آباد، اقبال مارڪيٽ، وليڪا، ناظم آباد نمبر 2، عائشه منزل ۽ ظهور چوڪ جي علائقن لاءِ به نوان روٽ متعارف ڪرايا ويندا. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريان اي وي بسن جو ڪو تصور موجود نه هو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي انهن بسن جو آغاز ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اورنج لائن ۾ رائيڊرشپ ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ٽنڊو الهيار، خيرپور، راڻيپور ۽ روهڙي جا روٽ به شروع ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته معمار کان به نون روٽس جو آغاز ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں