نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ “ريجنل انوائز ڪانفرنس” جو پڄاڻي وارو اجلاس

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 14 کان 18 مئي 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ “ريجنل انوائز ڪانفرنس” جي پڄاڻي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٿيندڙ ٺوس مشاورت ۽ سامهون ايندڙ اهم سفارشن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ اسحاق …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 14 کان 18 مئي 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ “ريجنل انوائز ڪانفرنس” جي پڄاڻي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٿيندڙ ٺوس مشاورت ۽ سامهون ايندڙ اهم سفارشن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ اسحاق ڊار نار ملڪن سان پاڪستان جي پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سياسي، اقتصادي ۽ عوامي رابطن سميت هر شعبي ۾ انهن اهم حصيدارين کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن اقتصادي تعاون جي فروغ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نار ملڪن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ سهولتڪار ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ مسلسل رابطي ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وارت، سفارتي مشنز جي سربراهن ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط رکيا وڃن، فعال سفارتي رابطا جاري رکيا وڃن ۽ سفارشن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.